اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گ??يل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي آمريڪا سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪي ڪمپنين جي پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، خطي ۾ ا??ن جي فروغ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??را??ن حل جي ضرورت آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، ڀارت گ??يل قومن جي قراردادن تي عمل ڪري ۽ عالمي برادري پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون سان افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام کي فروغ ۽ افغانستان ۾ ا??ساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گ??يل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي ويجهي حصيداري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ قائم ٿيندڙ مختلف مڪالما واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، صحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ آبادياتي صلاحيت جي ڪري آمريڪا جي ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ معاهدي جي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ انهي سال ڪاروباري موقعا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته هي سال پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جو سال آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ان تاريخي موقعي کي ڀرپور طريقي سان ملهائيندا جنهن سان ٻطرفن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي وڌيڪ دورن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جي حوالي سان وزيراعظم حضور صه جي شان ۾ گستاخانا ڪلمن جي مذمت ڪئي جن سان مسلمانن ??ي جذبن کي سخت ٺيس پهتي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي سنگين پائمالي ڪري رهيو آهي. خطي ۾ ا??ن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??را??ن حل جي اهميت تي زور ڏنو. هن عالمي برادري کي چيو ته اها پنهنجي اخلاقي ۽ اصولي ذميواري پوري ڪري ۽ ڀارت گ??يل قومن جي قراردادن تي عمل ڪري. وزيراعظم آمريڪا جي عوام ۽ حڪومت کي ان جي 246 هين آزادي جي ڏهاڙي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير افغانستان مان انخلا جي سهولت جي لاءِ پاڪستان جي فوري ۽ موثر مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون سان افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو ۽ افغانستان ۾ ا??ساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي جنهن ۾ تازي زلزلي سان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. آمريڪي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم کي ورجايو.
پاڪستان گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي آمريڪا سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia