ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جار?? آهي ۽ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن ک??نپ??ءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن ??ي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم ??و نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.
5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال