نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ پنهنجو اداراجاتي فريم ورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، يمن کان شام تائين مسلمان دنيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، پاڪستان ڀارت سان امن جو خواهشمند آهي، جيستائين ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿو ٿئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سالياني رابطا اجلاس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان افتتاحي خطاب ڪندي ڪ??و. هن ??يو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان مخلصاڻي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جڏهن ته اهڙي قسم جي ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي، ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع کان شروع ڪيل هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي ملتوي ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير اسان جو گڏيل ڪاز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جاگرافيائي، عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان ڳنڍيل آهن، ڪشمير پاڪستان آهي ۽ پاڪستان ڪشمير آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت زبردستي قبضو ڪري رکيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قرارداد منظور ڪئي هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مڃيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو جڏهن ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪ??زور ڪرڻ جي لاءِ هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کني?? آهن، ڀارت اتي پنهنجي 9 لک فوج مقرر ڪري رکي آهي ۽ وحشت ۽ ظلمن جو بازار گرم ڪري رکيو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون ۽ حراستي قتل به شامل آهي. 15 هزار ڪشميري نوجوانن جو اغوا، انهن تي تشدد، پوري ڪشميري سياسي قيادت کي قيد ڪرڻ، ڳوٺن ۽ پاڙن کي اجتماعي سزا جي طور تي ساڙڻ جهڙا ظلم ڪيا پيا وڃن، ڏاڍ جي اها مهم هندوتوا جي نظريي ۽ مسلمانن سان نفرت جي بنياد تي هلائي وڃي ٿي. جينوسائيڊ واچ والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي خدشن کان خبردار ڪيو آهي. هن ??يو ته ٽي سال گذرڻ کانپوءِ ڀارت جي نئين آبادياتي الحاق جي مهم ڪامياب نه ٿي ۽ ڀارت ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، الله تعاليٰ جي مرضي آهي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي دليراڻي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن ??يو ته اسلامي ملڪ دنيا کي درپيش سياسي، اقتصادي، آبهوا ۽ ٻين چئلينجز جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ردعمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته 1945ع ۾ اسلامي ملڪ جنگ کانپوءِ جي عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ پنهنجي عوام جي اهم مفادن جو اظهار، وڪالت يا دفاع ڪرڻ کان قاصر رهيا. اسان مان اڪثر ملڪ گڏيل قومن جي منشور جي جوڙجڪ ۾ شامل نه هئا، ان جي نتيجي ۾ ڪو به اسلامي ملڪ ويٽو جي حقن سان سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر نه آهي. هن ??يو ته ٻي سڀ کان وڏي عالمي تنظيم طور پنهنجي هر ميمبر ملڪن جي قومي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي برقرار رکڻ جي ڪ??شش ڪرڻ گهرجي، مقصد جي لاءِ اسان کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي منشور ۾ شامل امن ۽ انصاف جي اصولن جي مستقل پابندي کي يقيني بڻائڻ گهرجي، اسان کي اسلامي دنيا جي اندر ۽ ٻاهر سمورن تڪرارن ۾ انصاف سان امن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن ??يو ته فلسطين اسان جو گڏيل ڪاز آهي ۽ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته او آءِ سي جو مقصد والاريل فلسطين جي ماڻهن جي لاءِ امن ۽ انصاف کي فروغ ڏيڻ ۽ القدس الشريف کي آزاد ڪرائڻ آهي، اسان کي فلسطين ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، انهن جي پنهنجي رياست هجڻ گهرجي جنهن جي 1967ع کان اڳ جون سرحدون آهن ۽ القدس الشريف کي آزاد فلسطيني رياست جو گادي وارو شهر بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي بحالي جو حقيقي موقعو آهي. اڄ ڪا گهرو ويڙهه نه آهي، هڪ حڪومت پوري ملڪ کي ڪ??ٽرول ڪري ٿي. هن ??يو ته اسان کي ان اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ انهن قوتن کي روڪڻ گهرجي جيڪي تڪرارن کي بحال ڪرڻ، وڌيڪ پناهگيرن کي پيدا ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خطري ۾ شدت آڻڻ چاهين ٿيون. هن ??يو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏجي 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 71 هون غيرمعمولي اجلاس گهرايو هو، اسان گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته او آءِ سي افغانستان جي ماڻهن جي مدد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي، اسان او آءِ سي هيومينٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ، افغانستان جي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڪابل ۾ او آءِ سي جي مشن کي سگهه ڏيڻ به شامل آهي. هن ??يو ته اسان کي افغانستان ۾ امن جي بحالي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستانجي انساني صورتحال کي منهن ??يڻ جو واحد رستو ڪابل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه آهي، افغان عملدارن کي او آءِ سي تي ڪ??هن به ٻي عالمي تنظيم کان وڌيڪ اعمتاد اهي، او آءِ سي جي عالم سڳورن جي وفد ڪابل جو دورو ڪيو ۽ اتان جي عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ??يو ته اسان جي رضامندي ۽ سعودي عرب جي حمايت سان اسان خصوصي ايلچي جي آفيس کي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي?? آهيون. انهن سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي آهي ۽ علائقائي ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو آهي، آئون ان جي رپورٽس ملڻ جو منتظر آهيان. هن اسلامي دنيا جي اندر ڪيترن ئي حل طلب تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، يمن کان شام تائين مسلمان دنيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، اڄ جا 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عالمي تڪرار ۽ سيڪيورٽي چئلينجز او آءِ سي ملڪن جي اندر آهن. بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ پنهنجي اداراجاتي فريمورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، اهو ضروري آهي ته اسان ان ڳاله?? جي نشاندهي ڪريون ته او آءِ سي ڪ??ڙي طرح مسلمان دنيا جي اندر ۽ ٻاهر تڪرارن جي روڪٿام، ثالثي، مفاهمت ۽ امن جي تعمير کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري اوزارن سان ليس ڪري سگهي ٿي. هن او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ تي ڳالهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو جيئن ته اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو هو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موجوده اجلاس دوران او آءِ سي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪ??ويڊ 19 وبائي مرض کان بحالي تائين جي ٽيڻ چئلينج، ايس ڊي جيز جي ڪاميابي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ??يڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ انتهائي المناڪ صورتحال سامهون آئي آهي، موسمياتي تبديلي انسانيت جي وجود جي لاءِ خطرو آهي، اسان اسلامي دنيا ۾ پنهنجي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جا تمام گهڻا ٿورائت?? آهيون جن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ??يڻ جي لاءِ فراخدلاڻي مدد ڪئي، پاڪستان پنهنجي عوام جي بهادري جي ڪري مضبوط ۽ بهتر ٿي اڀرندو. هن ??يو ته اهو خوش آئنده آهي ته اسان جو او آءِ سي جو ميمبر ملڪ مصر ساليانو موسمياتي ڳالهه ٻولهه جو ميزبان آهي ۽ ايندڙ سال ان حوالي سان ڪوششن جي قيادت ڪندو، پاڪستان ان جي ڪ??ششن جي حمايت ڪري ٿو. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪوپ 27 سياسي عزم جي تجديد ڪندو ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جنهن جو موسمياتي سيڙپڪاري جي لاءِ واعدو ڪيو هو، کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندو.
او آءِ سي اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو اداراجاتي فريم ورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم