ڪراچي – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه تازي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. جاري بيان موجب پاڪ فضائيه بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڀرپور طريقي سان امدادي ڪارروايون ۽ ريسڪيو جي عمل ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري ريا??تي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري رهي آهي، فضائيه فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪيا ويون آهن جتي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون ۽ مفت دوائون فراهم ڪري رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪاررواين دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن تيار کاڌو، خ??ڪ راشن ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٺال، لاکڙا، مٽياري، شهدادڪوٽ، صبحتپور، قلعه عبدالله، فاضل پور، جهل مگسي، حاجي پور، ب??تي شهر محمد ۽ ب??تي جاگير گبول جي ضرورتمند ??اندانن ۾ 15 هزار 719 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 507 پاڻي جون بوتلون ۽ 3 هزار 415 خ??ڪ راشن جا پيڪيٽ ??رهايا، پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ مصروف آهي، فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 2 هزار 416 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو، پاڪ فضائيه جو چوڻ آهي ته هو قدرتي آفتن دوران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ ۾ سدائين اڳيان اڳيان رهي آهي.
ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ريت آگاهه آهيون، انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون: پاڪ فضائيه
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون