اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته سي پيڪ تحت تيار ڪيا ويندڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آبزرور جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته ملڪ جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا ??هن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي پاڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي ??يو ته سي پيڪ تحت وڏي سيڙپڪاري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. هن ??يو ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن ??يو ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي ??يو ته سي پيڪ تحت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي ??يو ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي ??ستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا