اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منص??بن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃ?? رهي آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني منص??بن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منص??بن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منص??بن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منص??بن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ک?? سي پيڪ منص??بن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منص??بن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم جو ڪراچي سرڪلر ريلوي ک?? سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سي پيڪ منص??بن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن ??ان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن ??ان ريل جي ذريعي رابطا پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منص??بن ۾ چيني ڪمپنين ج?? سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منص??بن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪر?? رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿ?? رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃ?? رهي آهي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي ج?? رهواسين کي محفوظ سفري سهولت??ن فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔