لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ تازين برساتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر ان??ظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ متوقع برساتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني ??ور??حال جي لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ عيد جي ڏينهن ۾ ان??ظاميا کي مڪمل طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قرباني جي عيد تي اتر پنجاب خاص طور تي لاهور ۾ متوقع چوماسي جي برساتن جي حوالي سان تياري تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم لاهور ۾ تازين برساتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر ان??ظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تازين برساتن جي ڏس ۾ لاهور ۾ ٻوڏ واري ??ور??حال ۾ ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي ان??ظاميا ناقص پاڻي جي نيڪال جي ??ور??حال جي ذميوارن جو تعين ڪري ڪوتاهي ڪندڙ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي معطل ??ري. وزيراعظم چيو ته شديد برسات ۾ لاڳاپيل ادارن جي سست قدمن شهرين کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو. هن ايندڙ ڏينهن ۾ متوقع برساتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني ??ور??حال جي لاءِ مڪمل تياري ۽ قرباني جي عيد جي ڏينهن ۾ ان??ظاميا کي مڪل طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. هن عيد جي ڏنهن ۾ امڪاني برساتن جي ??ور?? ۾ سمورن دستياب وسيلن کي ڀرپور استعمال ڪندي ايمرجنسي پلان جوڙ ?? شهر ۾ جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ گهربل مشينري حاصل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ عيد جي دوران قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي سخت مانيٽرنگ ڪن ته جيئن ڪا منع ٿيل تنظيم قرباني جون کلون گڏ نه ڪري سگهي. هن عيد جي ڏينهن ۾ شهرين جي لاءِ صفائي سٿرائي جا ان??ظام يقيني بڻائڻ ۽ عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانورن جي آلائشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ان??ظام ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عيد ۽ چوماسي جي ڏس ۾ عوامي سهولت جي لاءِ خصوصي شڪايت سينٽر ۽ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪن. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، ڪمشنر لاهور ۽ ٻين اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران لاهور ۾ تازين برساتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز