اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ?? شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ?? ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان ??سي?? حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي ??يڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو ??نڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي ??ي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل