اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جهڙن مرض?? جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص تي زور ڏيندي چيو آهي ته حياتي کسيندڙ بيماري?? جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. سيمنز هيلٿينيئرز جي اهتمام هيٺ هڪ آگاهي ??روگرام ۾ ورچوئل طور خطاب ڪندي هن پاڪستا?? جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته محدود وسيل?? جي باوجود پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي عوام جي صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حياتي کسيندڙ بيماري?? جي حملي جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جتي موت جي شرح وڌيڪ رهي ا?? جي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ ڪوويڊ 19 کي موثر ۽ ڪاميابي سان منهن ڏيڻ جو تجربو آهي. ڪوويڊ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ماڻهن حڪومت جي ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ ملڪ کي آخرڪار ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. صدر ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ??وذي بيماري?? جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صفائي يقيني بڻائين. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مذهبي عالم سڳورا مسجدن ۾ پنهنجي خطبن دوران حفظان صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر عورت?? جي صحت کي بريسٽ ڪينسر سان لاحق خطرن بابت آگاهي ??يدا ڪرڻ ۾ بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي دير سان تشخيص جا سبب ٻڌائيندي هن چيو ته عورتون ڪنهن به غيرمعمولي علامتن بابت معلومات شيئر ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿيو?? جيڪو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪريننگ ۾ دير جو سبب آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو جلد اسڪريننگ جي لاءِ وڃن ٿا انهن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ جا امڪان 99 سيڪڙو آهن تنهن ڪري عورتن کي گهرجي ته اهي ??نهنجي اسڪريننگ ڪرائين. هن پاڪستان ۾ بر??ن ڊرين طرف اشارو ڪندي چيو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ عورتن جو هڪ وڏو انگ يا ته گهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿو يا ٻاهرئين ملڪ بهتر موقعا ڳولڻ ۾ نڪري وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ پيشيور ماڻه?? جي دستيابي جي کوٽ آهي. صدر چيو ته تعليمي ادارا عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيش?? جي تعاون سان پاڪستان پوليو جو اٽڪل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان افغانستان سرحد تي ڪجهه ڪيسز رپورٽ ٿيا. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جي اوزارن ۾ تيزي سان اڳڀرائي ڪيترين ئي بيماري?? جي جلد تشخيص کي ممڪن بڻائي رهي آهي. هن ذهني مرض?? جي علاج جي لاءِ بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جو انگ گهٽ آهي ۽ آن لائين خدمت?? جي ذريعي ماڻهن کي علاج جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ بيگم ثمينه علوي صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هيلٿ پريڪٽيشنرز ۾ ايوارڊ ورهايا. ناليواري اداڪاره ناديه جميل سميت ڪينسر کان بچي ويندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پڻ ان موذي مرض سان پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي صحتيابي بابت ٻڌايو. ان موقعي تي سيمنز جي نمائندن مريض?? جي لاءِ بهتر تشخيصي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن تي روشني وڌي.
ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena