لاهور – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزارت جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪا جي ايندڙ دوري بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير دوري دوران عالمي مالياتي اداري، ورلڊ ب??نڪ ۽ ٻين ادارن سان پنهنجي طئي ٿيل ملاقاتن جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل