اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ??اليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ??اليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستا?? جي عوام کي علاج جي سهولت?? جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستا?? جي گورنر ۽ گلگت بلتستا?? ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستا?? جي مسئل?? جي حل لاءِ قدم?? جي خاطري ڪرائي هئي.
صدر سان وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ ۽ انجنيئر امير مقام جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria