اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هواوي جي مدد ??ان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پيشيواراڻي تربيت ??ان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان هواوي پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن سن جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي تازي دوري ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جو دورو انتهائي لاڀائتو رهيو، هواوي ??ان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حصيداري سڀ کان اهم آهي، هواوي جي مدد ??ان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي پيشيواراڻي تربيت ??ان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو. هن چيو ته حڪومت نه رڳو عورتن پر بلوچستان جي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي ان تربيتي پروگرام جو حصو بڻائيندي، حڪومت هواوي ??ان پاڪستان جي ڊيجيٽل اڪانومي ۾ پائيدار حصيداري کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ باصلاحيت افرادي قوت جو مضبوط بنياد قائم ڪرڻ ??ان ئي ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان 7 هواوي جي وچ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام جي لاءِ تعاون جي معاهدي تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي تربيت جي لاءِ جديد طرز جو ميسيو اوپن آن لائين ڪورسز سسٽم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي صوبائي حڪومتن جي تعاون ??ان لاڳو ڪيو ويندو. وفد پاڪستان جي قومي ڪلائوڊ اسٽريٽجي ??ان هم آهنگي نيشنل ڊيٽا سين??ر ٺاهڻ جي لاءِ تعاون جي آڇ ڪندي آگاهه ڪيو ته نيشنل ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ ??ان بهتر ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي يقيني ٿي ويندي ۽ وڏو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وفد ٻڌايو ته اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ هواوي پاڪستان جي حڪومت ??ان حصيداري جي خواهشمند آهي، اسلام آباد سمارٽ سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ، صحت ۽ تعليم جي خدمتن کان وٺي پارڪنگ وغيره جهڙيون ٻيون سهولتون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي ميسر هونديون. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ