اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪست??ني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسن??ون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ ن??ون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي ??سي??و بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو ن??ون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ارشد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پاڪست??ني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17
وزيراعظم پاران پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ