اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏ??ل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهور??ت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه ب??نظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهور??ت جي شروعات شهيد محترمه ب??نظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهور??ت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري ??ار??خي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهور??ت جي اصل طاقت ۽ بند د??وازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهور??ت جو جذبو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏ??ل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آهن.
آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا