باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسرندڙ م??ڪن کي موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن جي مدد گهرجي، اسرندڙ م??ڪن کي اين ڊي سيز تي عملدرآمد جي لاءِ 2030ع تائين 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، گلوبل ڪلائميٽ فنانس فريم ورڪ جي نئين سر تعين جي ضرورت آهي. پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪلائميٽ فنانس گول ??يز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان اهم ڪوپ 29 گول ??يز ڪانفرنس ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪريون ٿا جن ان اهم نوعيت جي ڪانفرنس جي لاءِ وقت ڪڍيو، ان ڪانفرنس جو مقصد پراڻا معاملا جيڪي هاڻي مُشڪل ٿي ويا آهن، انهن جي حل لاءِ نئين سوچ ۽ راهون ڳولڻيون آهن، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻو پوندو، اسرندڙ م??ڪن کي اين ڊي سيز تي پنهنجي عوام جي لاءِ خدمتون ڏيڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ م??ڪن کي 2030ع تائين اين ڊي س??ز جي اڌ تي عملدرآمد جي لاءِ 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، ڊونرز ملڪن کي پنهنجي ترقياتي امداد جا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، ڪوپ 15 ۾ هڪ ارب ڊالر فنانسنگ جا واعدا ڪيا ويا جڏهن ته ان ۾ رڳو 160 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا. وزيراعطم چيو ته پاڪستان به ٻين اسرندڙ م??ڪن وانگر موسمياتي تبديلي کان شديد متاثر ٿيو آهي ۽ ان کي ويجهي ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جي بحالي جو سلسلو اڃا به جاري آهي، 2022ع ۾ پاڪستان جي ڪل ايراضي جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهن کانپوءِ ان جا سمورا ترقياتي ۽ ڪلائميٽ فنڊ بنيادي ريليف ۽ انساني ڪوششن جي لاءِ لڳائڻا پيا، اسرندڙ م??ڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، موسمياتي تبديلين جي ڪري اسرندڙ م??ڪ شديد مشڪل??تن جو شڪار آهن، گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب ان جي لاءِ خصوصي فنڊز رکڻا پوندا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي نالي تي قرض جي فراهمي بدران غيرقرضه جاتي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم تجويز ڏني ته يو اين ايف سي سي سي، آءِ ڊي س??ز جي هر 15 ڏينهن کانپوءِ جائزي جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. وزيراعظم بعد ۾ شرڪت ڪندڙن جو پاڪستان جي دعوت تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ انهن پاران اهم تجويزن تي ٿورا مڃيا. ان کان اڳ ڪوپ ڪانفرنسن ۾ ڪئي ويندڙ فيصلن، طئي ڪيل هدفن تي موثر عملدرآمد جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري پاران وقت بوقت ڪلائميٽ فنانسنگ جي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ملٽي لٽرل ازم جي روح کي مضبوط بڻايو وڃي، اسرندڙ م??ڪن کي ڪلائميٽ فنانسنگ اسرندڙ معيشتن پاران قرضن جي مد ۾ نه هجڻ گهرجي، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جي??ن گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي انهن چئلينجن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهون.
ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات