باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ 29 جي موقعي تي ”ڊيليورنگ ارلي وارننگز فار آل اينڊ ايڊرسنگ ايڪسٽريم هيٽ“ جي موضوع تي منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب موسمياتي تبديلي تي گڏيل قوم?? جو فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ 29 باڪو آذربائيجان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪن??ي 2022ع ۾ ارلي وارننگز فار آل قدم شروع ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي غيرمتوقع ۽ شديد اثرن کان زندگين جي تحفظ ۽ ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آب??وا سان پيدا ٿيندڙ خطرن بشمول ٻوڏ، برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ، سوڪهڙي ۽ شديد گرمي جي لاءِ شروعاتي آگاهي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن گرين هائوس گ??سن جي متوقع اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاء?? پاڪستان جي اهم قدم?? جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وڏي پئماني تي مينگرو جي بحالي جو منصوبو ۽ وڏن شهرن ۾ بي آر ٽي ماس ٽرانزٽ سسٽم شامل آهي. نائب وزيراعظم ترقي يافته ملڪن کان به مطالبو ڪيو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي آب??وا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ په?? جوڳي ۽ گرانٽ تي ٻڌل موسمياتي فنانسنگ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مالياتي واعد?? جو احترام ڪن.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوپ 29 جي موقعي تي اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار