اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن ن??وي باباءِ قوم قائداعظم محمدعلي جناح کي قيام پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائداعظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائداعظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائداعظم کي ??راجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن ن??وي چيو ته قائداعظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائداعظم پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سا?? اسان کي ??قليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي ??ملي جامو پهرايو. هن چيو ته قائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ سا??ه کڻي رهيا آهيون. قائداعظم جو اهو احسان قيامت تائين ن??ا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي تخليق ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائداعظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَ??ل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي ??ملي جامو پهرائي سگهجي.
پاڪستان جي قيام ۾ قائداعظم جو ڪردار اهم سنگ ميل، ان جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير مٽائيندا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado