اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چي?? آهي ته گوادر ۾ عالمي معيار ۽ جديد سهولتن سان ليس ايئرپورٽ تعمير ڪرڻ تي اسان عظيم دوست چين جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? آهي ته گوادر کان مسقط جي لاءِ اڏامن جي شر??عات ايندڙ سال 10 جنوري کان ٿي ويندي، پاڪستان جون نجي ايئرلائينز چين، اومان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي ايئرلائينز سان گوادر کان ملڪي ۽ عالمي ??لا??يٽ آپريشن شر??ع ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي صدارت ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گوادر جو نئون عالمي هوائي اڏو چين – پاڪستان عظيم دوستي جو نمايان مثال آهي، عالمي معيار ۽ جديد سهولتن سان ليس ايئرپورٽ تعيمر ڪرڻ تي اسان عظيم دوست چين جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي هڪ مصروف ٽرانزٽ پوائنٽ ٺاهڻ جي حوالي سان قابل عمل حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ملڪ خاص طور تي بلوچستان صوبي جي ٻين علائقن جي وچ ۾ رابطا رستن جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آپريشنلائيزيشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ زمين جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو هوائي اڏ?? آهي، گوادر ايئرپورٽ اي – 380 هوائي جهازن کي هينڊل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ايئرپورٽ تان 4 لک مسافر ساليانو سفر ڪري سگهندا، پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي پاران نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي ايرو ڊروم سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وي?? آهي جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز پڻ ان ايئرپورٽ کي نوٽيفائي ڪري ڇڏي?? آهي. بريفنگ ۾ چيو وي?? آهي ته ايئرپورٽ تي پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، پاڪستان ڪسٽمز، اينٽي نارڪوٽڪس فورس، وفاقي جاچ اداري سميت بارڊر هيلٿ سدروس جو عملو مقرر ڪيو وي?? آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ڪراچي ۽ گوادر جي لاءِ موجوده ??لا??يٽ آپريشن جي عرصي کي جلد ئي هفتي ۾ ٽي ڀيرا ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گوادر کان مسقط جي لاءِ اڏامن جي شر??عات اڳئين سال 10 جنوري کان ٿي ويندي، پاڪستان جون نجي ايئرلائينز چين، اومان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي ايئرلائينز سان گوادر کان ملڪي ۽ عالمي ??لا??يٽ آپريشنز شر??ع ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ايئرپورٽ تي ڪولڊ اسٽوريج، ويئر هائوسز، ڪوريئر سروسز جي سهولتن، ڪارگو شيڊز، فني گرائونڊ سپورٽ اوزارن، فيول فارمز، هوٽلز ۽ شاپنگ مالز جي لاءِ جڳهه رکي وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايوويو ته ايئرپورٽ تي بئنڪ برانچز جي قيام ۽ اي ٽي ايم مشينون هڻڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان رجسٽرڊ سمورين بئنڪن سان رابطو ڪيو وي?? آهي، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان رستي ذريعي رابطو بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ايسٽ – بي ايڪسپريس وي جو پهريون حصو مڪمل ٿي چڪ?? آهي جڏهن ته ٻئي حصي جي فزيبلٽي تيار ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
گوادر ۾ عالمي معيار ۽ جديد سهولتن سان ليس ايئرپورٽ تعمير ڪرڻ تي اسان عظيم دوست چين جا ٿورائتا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ