گڏيل قومون -03 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترش چيو آهي، ته صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لا??ِ خطرو آهن، گڏيل قومن جي سربراهه جو اهو بيان صحافت جي عالمي ڏينهن جيڪو هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي جي موقعي تي سامهون آيو آهي. هن چيو ته آزاد صحافت جمهوريت ۽ انصاف جي بنياد تي آهي، صحافت اسان سڀني سامهون حقيقتون فراهم ڪري ٿي جڏهن ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ صحافت جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن، ان پيغام جي ويڊيو جنرل اسيمبلي جي هال ۾ صحافت جي عالمي ڏينهن جي 30هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب دوران هلائي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مشهور صحافين، م??ڊي??، انساني حقن جي تنظيمن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ٻڌايو ويو ته 2022ع صحافت لا??ِ خطرناڪ سال ثابت ٿيو جنهن دوران 86 صحافي مارجي ويا جڏهن ته سوين صحافين کي قيد ڪيو ويو ۽ انهن تي حملا ڪيا ويا، هن چيو ته سائبر ا??پي?? ۾ صحافين تي پڻ حملا ٿي رهيا ??هن. هن چيو ته نيٽ معلومات ۽ اظهار جا نوان رستا کوليا آهن پر ان جو غلط معلومات ۽ سازشي نظرين لا??ِ پڻ استعمال ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته م??ڊي?? کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته پيش ڪئي ويندڙ عوام جي ڀلائي لا??ِ هجڻ گهرجي.
صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز