ابو ظهبي-19 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل اعرب امارات (يو اي اي) جي حڪومت عيد ميل??د النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ 12 ربيع الاول 29 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ج?? اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق يو اي اي جي افرادي سگهه واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سالياني اسلامي ڪيلينڊر تحت 12 ربيع الاول عيد ميل??د النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ 29 سيپٽمبر تي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ موڪل رهندي. وزارت يو اي اي جي قيادت ، حڪومت ، عوام، عربن ۽ سڄي مسلمان امت کي عيد ميل??د النبي صلي الله عليه وآله وسلم جون مبارڪون پڻ ڏنيون آهن.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس