واشنگٽن-23 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي هٿياربند فوج تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسرائيل سان غزه ۾ زميني ڪ??رر??ائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آ??ي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ان قدم جو مقصد آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي فوجين تي حمل?? کان بچائڻ لاءِ قدمن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي. رپورٽ مطابق آمريڪا کي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ يرغمال بڻائڻ درجنين ماڻهن کي ڇڏرائڻ لاءِ پڻ وقت گهربل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪ??رر??ائي شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ مقرر آمريڪا فوج تي حملن جو خطرو وڌي سگهي ٿو. آمريڪا کي خدشو آهي ته ان طرح جا حملا ايران جي حمايت يافته علائقائي گروهه ڪري سگهن ٿا. اخبار مطابق آمريڪي انتظاميه جي غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي رسد لاءِ ڳالهين لاءِ وقت گهربل آهي. نيويارڪ ٽائمز نشاندهي ڪئي آ??ي بائيڊن انتظاميه اسرائيل سان جنگبنديءَ جو مطالبو نه ڪري رهي آ??ي، هو اڃا به حماس کي تباهه ڪرڻ لاءِ زميني ڪ??رر??ائي ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي ارادي جي حمايت ڪري ٿو. اخبار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آ??ي ته زميني آ??ريشن جي شڙوعات ۾ دير جو مشورو آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آستن ذريعي ڏنو ويو هو. آمريڪي دفاع واري وزارت جي سر??را??ه طرفان تقريبن روزانو پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان رابطي ۾ آهي. لائيڊ آسٽن اسرائيل جي اعليٰ دفاعي اهلڪار کي به چيو آهي ته مغوين جي واپسي آ??ريڪا جي ترجيح آهي. ٻئي طرف روسي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڻڄاتل پيٽرياٽ اينٽي ميزائل ڊفينس سسٽم ۽ ٽرمينل هاءِ آلٽي ٽيوڊ ايريا ڊفينس بيٽري (ٿاڊ) کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرياٽ حملي آ??ر ميزائل کي 160 ڪلوميٽر جڏهن ته ٿاڊ 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نشانو بڻائي رستي ۾ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سي اين اين مطابق آمريڪا ا?? کان اڳ ٻه جنگي جهازن بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ۽ يو ايس ايس وائٽ ڊي آئزن هاور کي اسرائيل جي مدد لاءِ علائقي ۾ موڪليو آهي. ان سان گڏوگڏ آمريڪي بحريه جا گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار اهلڪار پڻ علائقي ۾ پهچي چڪا آهن. آمريڪا ان ٻنهي بحري جهاز?? کان علاوه بحيره احمر ۾ ڪيترن ئي جنگي بحري جهازن جي مقرري ڪري ڇڏي آ??ي. آمريڪي فوج طرفان اها پڻ دعويٰ ڪئي آ??ي ته ان جنگي جهازن يمن ۾ حوثي باغين طرفان اسرائيل ۾ هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽن ميزائل ۽ اسرائيل طرفان روانو ڪيل ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪيرايو آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪئنيڊا جي اڳواڻن سان وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي به مشاورت ڪئي آ??ي. سمورن اڳواڻن اسرائيل خلاف حماس جي ڪ??رر??ائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ان خلاف اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڀرپور حمايت ڪئي آ??ي.
آمريڪا جي اسرائيل کان غزه جي پٽيءَ ۾ زميني آپريشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا