لنڊن – 15 جنوري (اي پي پي) دنيا جي پنج امير ترين ??ردن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ دنيا جي 5 ارب آبادي غربت جو شڪار ٿي. اردو نيوز مطابق برطانوي امدادي اداري اوڪسفيم جي رپ??رٽ مطابق انهن پنج شخصيتن جي مجموعي دولت 405 ارب ڊالر هئي جيڪا 2020 کانپوءِ کان وڌي 860 ارب ڊالر ٿي وئي آهي. رپ??رٽ مطابق ان ئي عرصي ۾ دنيا جي اٽڪل پنج ارب آبادي غريب کان غريب تر هوندي وئي. ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سومر تي جاري ڪيل ان رپ??رٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020 جي ڀيٽ ۾ اڄ ارب پتي ماڻهن جي دولت 3.3 ارب ڊالر وڌيڪ آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ان ڏهاڪي جي شروعات کان ئي دنيا جي معيشت ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي جنهن ۾ پهرين ??مبر تي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا هئي. اوڪسفيم ان رپ??رٽ ذريعي عالمي سطح تي وڌندڙ اڻ برابري جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي جڏهن امير ڪمپنيون ۽ ماڻهو وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا وڃن. ان عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ رپ??رٽ ۾ لک پتي ماڻهن تي ويلٿ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن مان هر سال 1.8 کرب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا. برطانوي اخبار گارڊين ??طابق دنيا جي پنج امير ترين ??اڻهن ايلون مسڪ، برنارڊ آرنلٽ، جيف بزوس، ليري ايلسن ۽ مارڪ زڪربرگ جي دولت ۾ 464 ارب ڊالر يع??ي 114 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. دنيا جو هڪ سيڪڙو امير طبقو سڄي دنيا جي 59 سيڪڙو مالي اثاثن جو مالڪ آهي جن ۾ اسٽاڪ، شيئر?? ۽ ??انڊز پڻ شامل آهن. فوربز ميگزين ??طابق دنيا جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ جي دولت 230.2 ارب ڊالر آهي جڏهن ته امير ترين ??اڻهن جي لسٽ ۾ ٻئين ??مبر تي برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان آهي جيڪو فيشن برانڊ لوئي وٽان جو مالڪ آهي. برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان جي ڪل اثاثن جي ماليت 182.4 ارب ڊالر آهي. ٽئين ??مبي تي ايمازون جو مال جيف بيزوس آهي جنهن جي دولت 176.9 ارب ڊالر آه??، چوٿين ??مبر تي سافٽ ويئر ڪمپني اوريڪل جو مالڪ ليري ايليسن آهي جنهن جي اثاثن جي ماليت 135.2 ارب ڊالر آهي جڏهن ته پنجين ??مبر تي فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ آگي جنهن جي دولت 132.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
دنيا جي پنج امير ترين شخصيتن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو، اوڪسفيم جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز