نئين دهلي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي سڀ کان وڏي واپاري مرڪز ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروسز ۽ اسڪولن کي بند ڪي?? ويو آهي. اهو قدم لڳاتار ٻئي ڏينهن جاري احتجاج سبب کني?? ويو آهي. هڪ خابرو اداري موجب اهو احتجاج ٻن ٻارڙين سان لڄالٽ جي تمام وڏي شرمناڪ واقعن خلاف جاري آهي، تازن واقعن جو شڪار بڻجندڙ ٻارڙين جي عمر چار سال هئي. ممبئي کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ??دله پور ۾ احتجاج جاري آهي. احتجاج جي اها لهر 31 سالن جي عورت ڊاڪٽر جي اسپتال اندر قتل جي واردات کان پوءِ جاري آهي. عورت ڊاڪٽر سان افسوسناڪ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي شهر ڪولڪته ۾ پيش آيو هو. بدله پور ۾ چار سالن جي ٻارڙين سان ڏاڍائي جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪي?? ويو آهي. مڇريل مظاهرو ڪندڙن اڱاري واري ڏينهن ريلوي ٽريڪ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻارڙين لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. رياست جي وڏي وزير اڪناٿ شيندي چيو ته ان ڪيس کي عدالت ۾ تيزي سان هلاي?? ويندو. هن مظاهرو ڪندڙن تي ??لزام هنيو ته مظاهرو ڪندڙ سياسي طور تي متحرڪ آهن. واضح رهي ته مهاراشٽرا ڀارت جي امير ترين رياست آهي. جنهن ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ چونڊن جو به امڪان آهي، ان رياست ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي کي گڏيل مخا??ف ڌر پاران سخت مزاحمت جو من??ن ڏسڻو پوندو.
ڀارت ۾ ننڍڙين ٻارڙين سان لڄالٽ تي احتجاج سبب ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ اسڪول بند
مضمون کا ماخذ : بونانزا