گڏيل قومو??-12 ??سمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آه??. ان قرارداد کي آمريڪا ۽ اسرائيل رد ڪري ڇڏيو آه??. پرڏيهي خابرو اداري موجب جنرل اسيمبلي ۾ ان قرارداد جي حمايت ۾ 158 جڏهن ته مخالفت ۾ 9 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته 13 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ ترت ۽ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ سمورن يرغمالين جي ??وري ۽ غير مشروط آزادي تي زور ??نو ويو آه??. ان قرارداد جو متن گذريل مهي??ي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران ويٽو ڪيل متن جهڙو آه??. اُن وقت آمريڪا پنهنجي اتحادي اسرائيل کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ??يٽو پاور جو استعمال ڪيو هيو جيڪو اهو اڳ ۾ به ڪري چڪو آه??. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي ??ائب سفير رابرٽ ووڊ آمريڪي موقف ورجائيندي چيو ته متن کي قبول ڪرڻ غلط هوندو. ووٽنگ کان اڳ اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن چيو ته اڄ اسمبلي جي سامهون پيش ڪيل قراردادون منطق کان مٿانهيون آه??، اڄ جو ووٽ همدردي جو ناهي، اهو شراڪتداري لاءِ ووٽ آه??. قرارداد ۾ غزه خاص طور تي ڪڙو چڙهيل اتر وارن علائقن جي شهرين لاءِ وسيع پيماني تي انساني امداد تائين فوري رسائي جو مطالبو ڪيو ويو آه??. گڏيل قومن جي درجنين ميمبرن ووٽنگ کان اڳ اسمبلي کي خطاب ڪندي فلسطينين جي حمايت ڪئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مخالفت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر