مڪوشريف_22 جون(اي پي پي)سعودي عرب ۾ ٽرانسپورٽ جنرل اٿارٽي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هلندڙ سال حج سيزن دوران حج پانڌيئڙن کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ آٽو ميٽڪ مني بس سروس شروع ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ٽرانسپورٽ جنرل اٿارٽي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اٿارٽي اها سهولت انسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ وا??ي پاليسي هيٺ فراهم ڪري رهي آهي، آٽو ميٽڪ مني بسون مصنوعي ذهانت وا??ي ٽيڪنالوجي تي مشتمل آهن ،بسن ۾ ماحول تي نظر رکڻ لاءِ ڪيمره ۽ سنسر نصب آهن، اٿارٽي ڊرائيور کانسواءِ ورين بسن لاءِ 6 ٽريڪ مختص ڪيا آهن، بسن جي سهولت کانپوءِ مني ، مزدلفه ۽ عرفات و?? ۾ اچ وڃ وا??و وقت گهٽجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز