دوحه – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قطر جي امير تميم بن حماد آل ثاني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن گادي واري شهر دوحه ۾ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کي خطاب دوران عالمي برادري طرفان غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ واري قدمن ۾ ناڪامي کي شرمناڪ قرار ڏنو. قطر جي امير چ??و ته اها وڌيڪ شرمناڪ آهي ته عالمي برادري 2 مهينن کان انتهائي سنگين ڏوهن کي جاري رکڻ جي اجازت ڏنل آهي ۽ هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ معصوم شهرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چ??و ته عارضي جنگ بندي مستقل بندي جي متبادل نه ٿي سگهي آهي. قطر جي امير چ??و ته اسرائيل غزه تي بمباري د??ران سمورا اخلاقي معيارن کي پامال ڪيو آهي، انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ۽ انتهائي ??نس??ني ضرورتن جي فراهمي کي معطل ڪيو آهي. هن اسرائيل طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ جو ذڪر ڪندي چ??و ته اسرائيل جي پنهنجي د??اع جو حق ڪنهن صورت ان ڳالهه جي اجازت ناهي ته هو فلسطينن جي نسل ڪشي ڪري.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: امير قطر
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania