گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين کي ??هر??ي ته اهي يو اين آر دب??يو اي کي ا?? جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊب??يو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊب??يو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي ا??ليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي ا??داد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊب??يو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي ا??ساني بنيادن تي ا??داد فراهم ڪرڻ لاء?? سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔