تل ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي ڪابينه ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائش تي ڪيل ڊرون حملن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حمل?? ڪري سگهجي ٿو. اسرائيل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ايران تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي رهائش تي ڊرون حملي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊرون حملي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي ??ڪ ٻيو حملي جو امڪان آهي. ان کا?? اڳ اسرائيلي هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف تي فضائي حملا ڪيا هئا جن ۾ ميزائل سازي جي سهولتن ۽ فضائي دفاعي بيٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کا?? اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ ميزائل ف??ئر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. ??اض?? رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله گذريل هفتي اسرائيل جي سامونڊي ڪناري واري شهر قيصريه ۾ اسرائيل جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائيل ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم ڊرون حملي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس