واشنگٽن-08 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊو??لڊ ٽرمپ چونڊ مه?? جي مينيجر سوزن سيمرال وائلز کي وائٽ فائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ??يڊيا مطابق هڪ بيان ۾ ڊو??لڊ ٽرمپ چيو ته وائلز آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي فتح حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي آهي . وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جو عهدو آمريڪي صدر جي انتظاميه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هو بنيادي طور تي وائيٽ هائوس جي منييجر طور تي ڪم ڪري ٿو ۽ صدر جي عملي کي منظم رکڻ جو ذميوار هوندو آهي . چيف آف اسٽاف صدر جي ايگزيڪيٽو آفيس ذريعي عملي جي قيادت ڪري ٿو ۽ روازني جي سمورين مصروفيتن ۽ عملي جي سرگرمين جي نگراني ڪري ٿو. هو پاليسي معاملن تي صدر کي پڻ صلاح مشورو ڏيندو آهي ۽ پاليسي تي عمل درآمد لاءِ هدايت ۽ نگراني جو ذميوار هوندو آهي . ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ مه?? جي عهديدارن مطابق وائلز ان عهدي تي ڪم ڪندڙ پهرين عورت هوندي . هن پنهنجي ڪاميابي بعد خطاب ۾ سوزن وائلز کي آئس ميڊن قرار ڏنو هو . نئين چونڊيل صدر چيو ته سوزن پس منظر ۾ رهي ڪم ڪندي آهي ??ر کيس آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هڪ سمجهي ??يندي آهي . سياست ۾ اچڻ جي هڪ سال کان به گهٽ عرصي بعد هو اڳوڻي آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي 1980ع جي چونڊن کان اڳ سندس چونڊ مه?? ۾ شامل ٿي وئي هئي. هن 2010ع ۾ ان وقت جي بزنس مين رڪ اسڪاٽ کي رڳو 7 مه??نن ۾ فلوريڊا جو گورنر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. سوزن وائلز 2015ع جي ريپبلڪن صدارتي پرائمري چونڊن دوران ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن ان وقت به ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ مه?? هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو . فلوريڊا جي گورنر رون ڊي سانٽس پڻ گورنر جي چونڊ لاءِ سوزن وائلز کي پنهنجي چونڊ مه?? جو انچارج مقرر ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪاميابي بعد سندس ڪارڪردگي جي تعريف پڻ ڪئي هئي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو پنهنجي چونڊ مهم جي مينيجر سوزن وائلز کي وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس