اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن ج?? ٺڪاڻن ج?? خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغان ج??گ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان به رکي ٿو. سينيٽ جي اجلاس دوران ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان ج?? لاءِ آمريڪي صدر جي نئين پاليسي ۽ 22 آگسٽ 2017ع جي اعلان ۾ پاڪستان بابت بيان ج?? حوالي سان قومي سلامتي جي اهم معاملي تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويو، هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ بيان ج?? حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪا سان گڏجي امن ج?? لاءِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان افغانين ج?? ذريعي افغان قيادت ۾ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان ج??گ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين ??ي هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي ۽ انهن ج?? ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي، پاڪستان ان دوران هزارين جانين ج?? قرباني ڏني آهي، اسان ج?? قربانين ج?? اعتراف ڪرڻ گهرجي، اسان ان ج??گ ۾ بي پناهه مالي نقصان به کنيو آهي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان رکي ٿو.
افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر