اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي وڌي رهي آهي، ??ولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون، چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ ذريعي نئين حڪومت جو فيصلو ڪندي. ڪراچي ۾ لياري ايڪسپر??س وي نارٿ بائونڊ ڪيرج وي جو افتتاح ڪندي وزيراعظم چيو ته کيس اڄ هن م??صو??ي جو افتتاح ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، لياري ايڪسپر??س وي جو م??صو??و ڊگهي عرصي کان پڄاڻي هيٺ هو، اهو م??صو??و مختلف مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار هو جن ۾ قبضا ۽ فني نوعيت جا مسئلا شامل هئا، بدقسمتي سان قبضا اهڙي طرح ڪيا وڃن ٿا جو انهن کي هٽائڻ مشڪل هوندو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت، ڪراچي جي شهري حڪومت ۽ هاڻي ايف ڊبليو او جي مدد سان انهن مسئلن تي ضابطو آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن