اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??وص?? معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي علائقائي سلامتي، رابطن ۽ امن ۽ استحڪام جي ويزن تحت افغان ص??ر جي پاڪستان جي دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ – افغان ڳالهين دوران ٽرانزٽ ٽريڊ، علائقائي رابطا، خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام سميت وسيع تر معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ عملي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو، پاڪستان افغانستان سان پنهنجي روانگي واپار کي 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهي ٿو، افغان ص??ر جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي مثبت رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جو ذريعو بڻجندو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان دنيا سان جامع رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، علائقائي رابطا ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آ??ن. هو افغان ص??ر اشرف غني جي پاڪستان جي دوري جي حو??لي سان ميڊيا سان خ??وص?? ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي.
افغانستان سان روانگي واپار 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں