اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ افغانستان ج?? سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ج?? عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن ج?? قيام لاءِ افغان حڪ??مت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان ج?? موجوده حڪ??مت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان ج?? خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائدو حاصل ڪري، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ ??روپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن ج?? لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لاءِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان افغانستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی