اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آهن جيڪي پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي پڌرنامي ان سازش جو اعتراف ڪيو آهي، وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙن کي ناڪامي ٿيندي، نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر م??ڪل?? منهنجي اڪيلي جو فيصلو نه هو جڏهن ته ان ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو، ملڪ ک?? 35 ??ال ڦريندڙ ۽ لائيف سپورٽ مشين تي وجهندڙ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، جن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر آهي ??هي ڪڏهن ملڪ کي آزاد ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب کي شريفن جي هٿن ۾ ڏيڻ کان بهتر آهي ??ه پرويز الاهي وڏو وزير بڻجي وڃي، منهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت آهي ??ه ڪا به ٽوڙ ڦوڙ نه ڪن ۽ پرامن رهن. هن چيو ته فوج کي وچ ۾ ڌڪيلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي منهنجو انهن سڀني کي چوڻ آهي ??ه فوج نيوٽرل آهي، ان کي وچ ۾ نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر م??ڪل?? جو فيصلو هڪ تمام وڏي غلطي هئي، ان معاملي ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عدليه جي ججن کي بليڪ ميل ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي طرح جا حربا تيار ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، قوم انهن جي ڪردار کي ڄاڻي چڪي آهي. هن چيو ته ڪنهن خودمختار ملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ پاران ڌمڪي ملڻ هڪ ذلت هئي جنهن جي پٺيان لنڊن ۾ ويٺل مافيا آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان ڪو خطرو نه آهي هارائيندو اهو آهي ??نهن سان گڏ عوام نه هجي، عوام مون سان گڏ ڄمي بيٺل آهي. هن چيو ته جيڪي ملڪ روس کان تيل خريد ڪندا رهيا ۽ هاڻي به خريد ڪري رهيا آهن اهي ??سان کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته وزيراعظم کي روس نه وڃڻ گهرجي ها ۽ مخالف ڌر به انهن جي ئي زبان ڳالهائي رهي ??هي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دوستي سڀني سان ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي غلامتي نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪي سلامتي جي خلاف ٿيندڙ ان سازش جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اسان قانوني مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته فالودي ۽ پاپڙي واري ۽ چپڙاسين جي نالي تي جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ملڪي مفاد جي ڪا پرواهه نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ خانداني سياست ڪري رهي ??هي، حمزه شهباز کانسواءِ وڏي وزير جي عهدي جي لاءِ ڪو اهل نه آهي. هن چيو ته چئلينج ڪريان ٿو ته (ن) ليگ پنجاب ۾ ضمني يا ڪا ٻي اليڪشن کٽي ڏيکاري.
ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آهن جيڪي پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados