اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلو??ست??ن ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي ??يف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو ??ظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خ??مت?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلو??ست??ن ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ م??غو?? هئا ۽ انهن پنهنجي خ??مت?? جي ادائيگي ۽ قوم جي خ??مت?? لاءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي ??يف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل سرفراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي ??يف جنرل قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرمي ??يف وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو ??ظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو ??ظهار ڪيو.
صدر عارف علوي پاران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون، بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado