لاهور – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان قا??م ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبلي ت??ري??ون آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ ايوان قائداعظم ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ انعامي ڪوئز مق??بلو بعنوان تحريڪ آزادي 1940ع کان 1947ع منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردن وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منصفين جا فرض پروفيسر ڊاڪٽر زيب النساءَ سرويا، پروفيسر لطيف نظامي، پروفيسر عابد حسين شاهه، پروفيسر معاذ جانباز سرانجام ڏنا. نتيجن موجب پرائمري سيڪشن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ٿيندڙ مق??بلو مجتبيٰ مجيد، محمد الهان نور، صولت سهيل ۽ عبدالله سجاد تي ٻڌل ڊويزن?? پبلڪ اسڪول جي شاگردن کٽيو جڏهن ته سيڪنڊري سيڪشن جو مق??بلو فرزه فاطمه ۽ ظل نور تي ٻڌل ڪوئين ميري اسڪول جي شاگردن ۽ آمنه خليل، عليزه فاطمه تي ٻڌل گورنمينٽ پريڪٽسنگ گرلز هاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽائون شپ جي شاگردن گڏيل طور تي کٽي ورتو. اهڙي طرح ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي وچ ۾ ٿيندڙ مق??بلو حسن شهزاد، محمد اويس، عمير اسلم ۽ عدنان جعفر تي ٻڌل گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي شاگردن پنهنجي نالي ڪيو. ان کانسواءِ آزادي ڏهاڙي جي ت??ري??ن جي سلسلي ۾ اڄ 11 آگسٽ خميس ڏينهن صبح 10 وڳي ايوان قائداعظم جوهر ٽائون ۾ انعامي مق??بلو مصوري بعنوان پاڪستان جو جهنڊو ۽ هجرت جا منظر منعقد ٿيندو.
پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ايوان قائداعظم ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ انعامي ڪوئز مقابلو ٿيو
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز