اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌ??ئڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين موقعن ۽ مندين جي ڳولا، مصنوعات ۽ خدمتن کي سگهارو بڻ??ئڻ ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻائي ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ برطانيا پاران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌ??ئڻ سان ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ برطانيا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان هتي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سا??س ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 2021ع ۾ 3.1 ارب پائونڊ جي سطح کان مختصر عرصي ۾ 10 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻطرفي معاشي لاڳاپن ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ترقي جي شرح کي برقرار رکي سگهبو. صدر چيو ته برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ واپاري اسڪيم پاڪستان کي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ آسان شرطون فراهم ڪندي، واپاري اسڪيم سان پاڪستان مان برطانيا کي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ شين جي ڊيوٽي فري برآمد ممڪن ٿي سگهندي. صدر برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ واپاري اسڪيم ۾ پ??ڪستان جي شموليت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 120 برطانوي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي مجموعي سيڙپڪاري سان ڪم ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته مالي سال 21 – 2020ع ۾ ايف ڊي آئي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 117 ملين ڊالر کان وڌي 143 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. صدر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ 10 سالا روڊ ميپ تيار ڪري ٻطرفي پارٽنرشپ بهتر بڻ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ دهشتگردي جي اتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران صدر پاڪس??ان?? شاگردن جي ذهانت کي وڌ??ئڻ ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ برطانيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ باعلم پاڪس??ان??ن کي شامل ڪرڻ ۽ علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي ۽ ورچوئل ي??ني??رسٽي آف پاڪستان جي ذريعي انهن جي علم، مهارت کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام ٺاهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ آءِ ٽي سمت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ٻنهي ي??ني??رسٽين سان برطانيا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ رابطا پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، عالمي برادري کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۾ ورتل ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان پنهنجي انگريزي ڳالهائيندڙ افرادي قوت ۽ وچ اوڀر سان ويجهڙائي جي ڪري برطانوي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ملڪ آهي. هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ پائيدار پاليسين سان پاڪستان ۾ برطانيا پاران سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania