اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿ??، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ آمريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿ??را مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿ??. هن پاڪستان جي آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيُون، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم جو آمريڪي سفير سان ملاقات ۾ اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن