اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي شاندار ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ??ندي چيو آهي ته انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي ??ان سرگرم ڪارڪن عائشه صدي??ه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روش?? مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عورتون اميد جو ڪرڻو ۽ روش?? مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا عائشه صدي??ه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ