اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام ??ه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن ??ي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن ??ي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي و??ير??عظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوالي سان ايوان جي قرارداد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن ??ي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. و??ير??عظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان وطن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني ??ه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙا ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلايا ويندا. و??ير??عظم واضح ڪيو ته سول ۽ فوجي ٺڪاڻن ??ي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. و??ير??عظم چيو ته عمران نيازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳالهايو. و??ير??عظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي عهدي تان هٽائڻ جي حوالي سان عمران خان جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. و??ير??عظم چيو ته اها ڳالهه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته جڏهن ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان وٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنياد تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته عمران خان کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. و??ير??عظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي عهد جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان وڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. و??ير??عظم چيو ته جڏهن 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي عمران خان کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ان کي به ان جي ڄ??ڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خان پوري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان لڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ذاتي اناءَ جي تسڪين جي لاءِ عمران خان لاهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. و??ير??عظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خان ڪابينا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. و??ير??عظم چيو ته عمران خان آمريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي ته آمريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي عمران خان آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي، عمران خان پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چين جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چين جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چين جي خلاف عمران خان الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو به درد دل رکندڙ پاڪستاني اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو جن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. و??ير??عظم چيو ته سعودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي ر??يو?? آهن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ ان سان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته صورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آ??يو??، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. و??ير??عظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام ??ه آهي پر جن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ قائداعظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو. و??ير??عظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. و??ير??عظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.
اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن