اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ??يولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. پا??يڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پا??يڊ شڪايت ڪندڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي معاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب آڏ?? ٻڌڻي هيٺ آهي، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگ??جي. صدر چيو ته پا??يڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي حڪم جي خلاف پا??يڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پا??ان جاري تفصيل موجب پا??يڊ جي هڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب انڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پا??يڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين معطل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇڏيو هو. جوابدارن محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته محتسب بجا طور تي پا??يڊ جي نو??يفڪيشن کي معطل ڪيو. پا??يڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث