اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائد ملت لياقت علي خان شهيد کي قوم جي لاءِ سن??س بي پناهه خدمتن تي زبردست خراج عقي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي پاڪس??ان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قائد ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏياري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قائد ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪس??ان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته لياقت علي خان پاڪس??ان جي پهرين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قائد ملت ملڪ جي خودمختياري جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته لياقت علي خان شهيد پاڪس??ان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪس??ان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائد ملت نئين قائم ٿيندڙ رياست جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته قائد ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دف??ع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قوم سان لياقت علي خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لازوال نشان ڇڏيو آهي، هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪس??ان جو قائد ملت جو ويزن اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته اچو نه رڳو لياقت علي خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ اهڙي پاڪس??ان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته اچو قائد ملت لياقت علي خان کي خراج عقي??ت پيش ڪندي هڪ بهتر ۽ خوشحال پاڪس??ان جي لاءِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قائد ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.
لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج