اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد خ??م ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بن??ادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پر??يزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وز??راعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وز??راعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد خ??م ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بن??ادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي سان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پر??يزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بن??ادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??راعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وز??ر جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وز??ر عامر عبدا??له?? واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگيون ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ