اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آهي جو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي، چونڊون پن??نجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، سمورين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. انفارميشن سروس اڪيڊمي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ صحافين کي تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته ميڊيا جا ادارا جڏهن پيمرا کان لائيسنس حاصل ڪن ٿا ته پن??نجي پوري فزيبلٽي ۽ بزنس پلان شيئر ڪن ٿا. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍڻ افسوسناڪ آهي، ان حوالي سان پيمرا چيئرمين سان ڳالهه ڪئي ويندي ته قانون تحت انهن ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ان جو نوٽيس وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي پن??نجو ڪم ڪري رهي آهي، انهن مظاهرين جا مطالبا اڄ جا نه آهن، ڪيترائي ڏهاڪا اڳ جا آهن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته انهن مسئلن کي حل ڪريون. هن چيو ته گذريل ڏينهن به اسان جون مظاهرين سان ڳالهيون ٿيون، عورتون ۽ ٻار ڪافي مشڪل صورتحال ۾ هئا، اسان جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي حفاظت سان پن??نجي گهرن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه انتظا?? به ڪيا پر اهي واپس نه پيا وڃڻ چاهين، عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو?? اهو مسئلو اڃا ختم ناهي ٿيو، ڪميٽي موجود آهي ۽ پن??نجو ڪم ڪري رهي آهي. بلوچستان جو گورنر به هتي آيل آهي، ان حوالي سان ان سان به ڳالهه ٿيندي، ڪميٽي نگران وزيراعظم کي اڄ پن??نجي رپو??ٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ٿي ويو آهي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو سبب نظر اچي ٿو، چونڊون پن??نجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن کي مطالبو ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪري سگهجي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ به سمورن ميمبرن چيف اليڪشن ڪمشنر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سياسي پارٽين جي اندروني مسئلن تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون، اسان سمورين پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ته جيئن چونڊون پن??نجي مقرر وقت تي ٿين.
مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آهي جو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ