ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي ??ين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ر??ڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽي??نالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ر??ئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن سميت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪندڙ صن??ت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي ??ين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀرندڙ ٽي??نالاجيز جي ڏس ۾ پي ??ين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نسٽ پي ??ين اي سي ملڪ جي موجوده انجنيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽي??نالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽي??نالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پاران ڊگرين جي تڪميل کي شاگردن جي لاءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي ??ين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي ??ين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ جي بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ر??يو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري مان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي تيار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪ??ل موقعن تي ر??شني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج