اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. نگرا?? وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. نگرا?? وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگرا?? وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگرا?? وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.
ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز