اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانه?? ۽ ??کئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيال?? جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي ف??وغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيش?? جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استاد?? جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيش?? جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي ف??وغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.
ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores