ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه و??ندڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿي??ن، مسجدن کي مسلمان معاشري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم سماجي مسئلن کان آگاهي جي لاءِ استعما?? ڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي فروغ ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پي??ا ڪرڻ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه و??ندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي تعليم طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿي??ن. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شام?? ڪري مسجدن کي تعليم جي مرڪزن طور استعما?? ڪري سگهجي ٿو، وڌيڪ ??هو ته مسجدون معاشري جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿي??ن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعما?? ڪري سگهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پي?? امامن جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.
مسجدون اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ