اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ??ثا?? احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ??ثا?? احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽي?? تي ز??ر ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ ال??امن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به ال??ام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ ال??امن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا ال??ام لڳندا رهندا آهن.
ڌانڌلين جا الزام نئين ڳالهه نه آهي، هر چونڊ ۾ اهي الزام لڳندا آهن، معاملي کي لاڳاپيل فورم تي اٿاريو وڃي: سينيٽر نثار احمد کهڙو
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر