اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پنهنج?? پهرين غيرملڪي دوري تي برسلز ۾ آهي جت?? هو ائٽمي توانائي ج?? پهرين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نيوڪليئر انرجي سمٽ ائٽمي توانائي جو استعمال ڪندڙ ملڪن کي گڏ ڪري ٿو ۽ ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ عالمي تعاون ج?? لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير سربراهي اجلاس ۾ توانائي جي سلامتي جي اهميت ۽ وڌندڙ مطالبن ۽ موسمياتي خدشن ج?? موثر حل جي ضرورت تي زور ڏيندو. هو نيوڪليئر پاور پلانٽس هلائڻ جي حوالي سان پاڪستان ج?? وسيع تجربي ۽ حفاظت، گند ڪچري جي انتظام ۽ عدم ڦهلاءُ جي حوالي سان پاڪستان ج?? عزم کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي وزير ائٽمي توانائي جي ترقي جي لاءِ ٽيڪنالاجي تائين پهچ، فنانسنگ ۽ اسرندڙ ملڪن ج?? لاء?? عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي فني مدد ۾ اضافي سميت تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندو. ترجمان چيو ته برسلز ۾ پرڏيهي وزير سمٽ ۾ شريڪ ملڪن ج?? اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. هو پاڪستان واپسي تي لنڊن ۾ برطانيا جي عملدارن سان ملاقات ڪندو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پنهنجي پهرين غيرملڪي دوري تي برسلز ۾ آهي جتي هو ائٽمي توانائي جي پهرين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن